سيد شبير علي شاهه ’هاتف‘

سيد شبير علي شاهه ’هاتف‘

شبير هاتف

سيد شبير علي شاهه ’هاتف‘: نامور شاعر سيد شبير علي شاهه هاتف ولد سيد الهه بخش شاهه، 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر ٽنڊي محمد خان مان ڪيائين. 1963ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي شعبي مان بي. ايس (آنرز) ڪـيائيـن. ان بـعـد لـنـڊن مـان 1970ع ۾ ايم. ايس. سي ڪرڻ کانپوءِ واپس ڏيهه وريو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1963ع کان 1973ع تائين سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيالاجسٽ طور ڪئي. 1973ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيالاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، ستت ئي نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1973ع کان 1976ع تائين پاڪستان فارين سروس طرفان آسٽريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري، 78-1976ع ۾ چيف سائنٽيفڪ آفيسر، 1979ع کان 1980ع تائين هٽنگ ٽيڪنيڪل سروس لنڊن پاران عمان، لنڊن، يمن ۽ سعودي عرب ۾ هائڊرو جيالاجسٽ، 1980ع کان 1987ع تائين ملڪ عبدالعزيز يونيورسٽي جدي ۾ هائڊروجيالاجسٽ رهيو، 88-1987ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ هائيڊرو جيالاجسٽ طور ملازمت ڪيائين. شبير هاتف 89-1988ع تائين الرياض ڊولپمينٽ اٿارٽي، رياض سعودي عرب ۾ سينيئر هائيڊروجيالاجسٽ ۽ ڪويت ۾ انسٽيٽيوٽ آف سائنٽيفڪ ريسرچ ۾ ريسرچ اسپيشلسٽ به ٿي رهيو ھو. شبير هاتف سنڌ جو پهرين صف جو شاعر ھو. مخدوم طالب الموليٰ سان خاص نيازمندي رهي. ’نيڻن ۾ ڏياريون‘ سندس شعري مجموعو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي، جڏهن به سنڌ ۾ ايندوھو ته ٽکڙ ۽ حيدرآباد ۾ مشاعرا ڪوٺائيندو ھو. سيد شبير علي شاهه ’هاتف‘ 05 فيبروري 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.04  عيسوي

امور شاعر سيد شبير علي شاهه هاتف ولد سيد الهه بخش شاهه، 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احسان علي
مراد علي ڪاظم شيخ
گوورڌن شرما گھايل
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
زيدي مصطفيٰ
سردار شاهه
چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
عبدالقادر چولياڻي
پلي سالار
احسان فقير لانگاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون